وفاقي آئيني عدالت بلوچستان جي اڳوڻي چيف سيڪريٽريز کي تاحيات مراعتون ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
وفاقي آئيني عدالت بلوچستان جي اڳوڻي چيف سيڪريٽريز ۽ انهن جي بيواهن کي تاحيات اضافي مراعتون ڏيڻ واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيف سيڪريٽري بلوچستان جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس عامر فاروق پاران 4 صفحن تي ٻڌل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته قانون خلاف ڪو به حڪومتي قدم ناانصافي آهي ۽ قانون ۾ اها گنجائش ناهي ته ريٽائرڊ آفيسرن يا سندن خاندانن کي اهڙا فائدا ڏنا وڃن.
عدالت واضح ڪيو ته پوسٽ ريٽائرمينٽ پينشن ۽ ٻيون مراعتون رڳو قانون موجب ڏئي سگهجن ٿيون، ان حوالي سان ضابطا ٺاهڻ جو اختيار رڳو ناڻي کاتي کي آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير يا چيف سيڪريٽري کي ان حوالي سان ڪو اختيار ناهي.
آرڊر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير پاران اضافي رعايتن جي منظوري به قانون جي خلاف آهي ڇو ته آئين رڳو انهن ڪمن جي اجازت ڏئي ٿو جن تي ڪا به قانوني پابندي ناهي.
ياد رهي ته بلوچستان حڪومت اڳوڻي چيف سيڪريٽريز ۽ سندن بيواهه کي تاحيات مراعتون ڏنيون هيون، جنهن کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ اڳ ئي غير قانوني قرار ڏئي چڪي هئي، صوبائي حڪومت ان فيصلي خلاف وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.


