پاڪستاني اداڪارا زويا ناصر شادي جي خواهش جو اظهار ڪندي ميزبان ۽ اداڪار فهد مصطفيٰ کي دلچسپ اپيل ڪئي آهي.
زويا ناصر تازو ئي اداڪار احمد علي بٽ جي پوڊ ڪاسٽ تي نظر آئي، جتي هن پنهنجي ذاتي ۽ پيشه ورانه زندگي سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مزاحيه انداز ۾ شادي بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته جيڪڏهن هو شادي ڪرڻ چاهي ٿي ته کيس يا ته اداڪار عثمان مختار سان ڪم ڪرڻو پوندو يا فهد مصطفيٰ جي مشهور گيم شو جيتو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو پوندو.
احمد علي بٽ مسڪرائيندي فهد مصطفيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته زويا ناصر کي جيتو پاڪستان ۾ دعوت ڏيڻ گهرجي.
احمد علي بٽ جي ڳالهه تي زويا ناصر به فهد مصطفيٰ کي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کيس پنهنجي گيم شو ۾ دعوت ڏيو.
اداڪارا کلندي اهو به واضح ڪيو ته هوءَ پنهنجي پيءُ ناليواري ليکڪ ناصر اديب جهڙي ناهي، جنهن جو چوڻ هو ته فهد مصطفيٰ کي پسند ناهي.
زويا ناصر ۽ احمد علي بٽ جي وچ ۾ اها هلڪي دل واري گفتگو سوشل ميڊيا تي صارفين جو ڌيان ڇڪائي رهي آهي


