لاهور:
9 مئي 2023 تي سانحي کي 3 سال ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ پوليس ڪيسن ۽ عدالتي ڪارروائي جي جامع رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
پوليس رپورٽ موجب پنجاب ۾ ڪل 319 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ 35962 جوابدار نامزد جڏهن ته 11367 کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙي طرح 319 ڪيسن مان 307 چالان جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته 12 چالان التوا ۾ آهن.
ان کان علاوه تحريڪ انصاف جي 24595 ڪارڪنن کي نامعلوم جوابدارن جي لسٽ ۾ رکيو ويو آهي.
پوليس موجب تحريڪ انصاف جو باني چيئرمين ۽ مرڪزي قيادت هر ڪيس ۾ جوابدار آهن. ان کانسواءِ پي ٽي آءِ جي سموري قيادت 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد آهي. هن وقت تائين 9 مئي سانحي جي 22 ڪيسن جا فيصلا ٿي چڪا آهن. رپورٽ موجب شاهه محمود قريشي کي بري ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته راولپنڊي ضلعي ۾ 9 مئي سانحي جا 12 ڪيس آهن ۽ سڀئي التوا ۾ آهن. جي ايڇ ڪيو گيٽ 1، جي ايڇ ڪيو گيٽ 4 جا مکيه ڪيس اڃا التوا ۾ آهن. جي ايڇ ڪيو جي گيٽ ون تي 119 جوابدار آهن، 44 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪنهن کان به پڇا ڳاڇا نه ٿي سگهي آهي. راولپنڊي ضلعي ۾ 9 مئي سانحي جي 11 ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو نه ڪيو ويو آهي.
9 مئي سانحي جا سمورا ڪيس وڊيو لنڪ ۽ جيل ٽرائل نوٽيفڪيشن هيٺ آهن. فوجي عدالتن حسن نيازي سميت 32 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته فوجي عدالت ۾ سانحي 9 مئي جا 10 ڪيس هلايا ويا.
ان کانسواءِ ڊاڪٽر ياسمين راشد، اڳوڻي گورنر سرفراز چيما، اعجاز چوڌري، محمود رشيد کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. علامه حامد رضا، شيخ وقاص، زرتاج گل ۽ عمر ايوب کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ياد رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان 9 مئي تي 4 مهينن ۾ ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


