سنڌ هاءِ ڪورٽ؛ خاص عدالتن جي ججن جي مقرري بابت قانون سازي خلاف درخواستون داخل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



سنڌ هاءِ ڪورٽ خاص عدالتن جي ججن جي مقرري بابت قانون سازي خلاف هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي درخواستن تي ڌرين کي 18 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پاران خاص عدالتن جي ججن جي مقرري بابت قانونسازي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر حسيب جمالي ايڊووڪيٽ چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس ۽ اينٽي ٽيررازم عدالتن ۾ ججن جي مقرري ۾ عدليه جو ڪردار محدود ٿي ويو آهي. ججن جي مقرري لاءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان لازمي مشاورت تي پابندي لڳائيندي ايگزيڪيوٽو کي صوابديدي اختيار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ترميمن کان اڳ مقرري لاءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان مشاورت لازمي هئي. ترميمن ذريعي چيف جسٽس سان صلاح مشوري کي محض اتفاق راءِ سان تبديل ڪيو ويو، ججن جي چونڊ ۽ نامزدگي جو اختيار انتظاميه کي منتقل ڪرڻ سان عدليه جي آزادي متاثر ٿيندي. پاڪستان جو آئين عدليه جي آزادي، منصفاڻي ٽرائل ۽ اختيارن جي علحدگيءَ جي ضمانت ڏئي ٿو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري ۾ چيف جسٽس سان بامعني مشاورت عدالتي آزادي جي بنيادي ضرورت آهي. صوبائي اسيمبليءَ کي وفاقي قانون جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي. وفاقي ۽ صوبائي قانونن جي وچ ۾ ٽڪراءَ جي صورت ۾، وفاقي قانون غالب آهي. اينٽي نارڪوٽڪس ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ججن جي مقرري جي طريقيڪار بابت شقن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت ابتدائي ٻڌڻي کانپوءِ ڌرين کي 18 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستن ۾ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ صوبائي قانون واري کاتي کي ڌر بڻايو ويو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment