سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ درآمدي ايل سيز جي نئين نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سيز) جاري ڪرڻ ۽ پروسيسنگ هاڻي سنڌ بئنڪ ذريعي ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته اسان جو مقصد شفافيت ۽ مالياتي نگراني کي بهتر بڻائڻ آهي. ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته سرڪاري فنڊن جي پرائيويٽ بئنڪن کي ورهائڻ جو طريقو ختم ڪيو ويو آهي، سنڌ بئنڪ ذريعي مالياتي مانيٽرنگ بهتر بڻائي سگهجي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ بئنڪ جي ٽريڊ فنانس سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خانگي بئنڪن جي غير ضروري فيسن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، مٽا سٽا جي شرح سان منافعي جي نظام ۾ بهتري جو امڪان آهي. سنڌ جي وڏي وزير سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته ايل سيز رڳو سنڌ بئنڪ سان ڪن ۽ شفافيت ۽ مالياتي نظم و ضبط تي زور ڏنو.
Source link

سنڌ ۾ درآمدي ايل سيز لاءِ نئين نظام جي منظوري
Leave a Comment Leave a Comment

