سون جا اگهه وڌڻ بند، هزار رپيا سستا ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ ٻن ڏينهن کانپوءِ گهٽتائي ٿي آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 43 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 500 ڊالر ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في تولو قيمت 4 هزار 300 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 27 هزار 436 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 3 هزار 687 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 66 هزار 457 رپيا ٿي ويو. اهڙي طرح چاندي جو في تولو اگهه 174 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 223 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه 149 رپيا گهٽتائي سان 5 هزار 335 رپيا ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment