اسلام آباد:
سپريم جوڊيشل ڪائونسل ججن جي ضابطه اخلاق ۾ ترميم ڪري ڇڏي.
ترميمن کانپوءِ ضابطا اخلاق هاڻي وفاقي آئيني عدالت ۽ وفاقي شرعي عدالت جي ججن تي لاڳو ٿيندو. ان سلسلي ۾ ضابطا اخلاق جي آرٽيڪل 15 جي پيرا 2 ۽ 3 ۾ ترميم ڪندي وفاقي آئيني عدالت جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت انهن عدالتن جا جج به ضابطن جي دائري ۾ اچي ويا آهن.
ياد رهي ته ماضي ۾ ضابطا اخلاق تحت ججن جي سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ سفارتي تقريب ۾ شرڪت تي مڪمل پابندي هئي ۽ هاڻي ترميم کانپوءِ ججز رڳو چيف جسٽس جي اجازت سان سياسي ۽ سفارتي تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهندا، جڏهن ته ججن جي ٻين ڪمن ۾ شرڪت تي ڪا به پابندي نه هوندي.


