شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت تان هٽائڻ تي رميز راجا جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائڻ واري فيصلي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هن وٽ اوسط معيار جي ٽيم هجڻ باوجود ناقص نتيجن جو الزام هن تي لڳايو ويو. بابر اعظم کي ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شان مسعود جي قيادت 16 مان 12 هارائڻ کانپوءِ ختم ٿي وئي، جنهن ۾ بنگلاديش طرفان تازي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش به شامل آهي. پنهنجي يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته شان مسعود کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو جڏهن ته کيس ٽيم نه ڏني وئي جنهن مان بهتر نتيجن جي اميد ڪري سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن مان شان مسعود هجان ها ته ان فيصلي خلاف لکت ۾ شڪايت داخل ڪريان ها، هن چيو ته جڏهن ڪپتان کي بار بار ايوريج رانديگر ڏنا ويندا آهن ته ان کان مختلف نتيجن جي اميد نه رکي ويندي آهي ۽ آخر ۾ سموري ذميواري ڪپتان تي عائد ٿيندي آهي. هن خبردار ڪيو ته بابر اعظم کي به ساڳي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، کيس شان مسعود جي برابر بنيادي اسڪواڊ ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان 25 جولاءِ کان ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندو، جنهن کانپوءِ قومي ٽيم انگلينڊ جو دورو ڪندي جتي 3 ٽيسٽ ميچون شيڊول آهن. بابر اعظم ٽيون ڀيرو قومي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment