صدر آصف علي زرداري جي چين جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي ادارن وچ ۾ تعميراتي مشينري ۽ طبي ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان ۽ چين جي ادارن وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن ۽ هڪ معاهدي تي صحيحن جي تقريب چين جي شهر سانيا ۾ ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري شرڪت ڪئي، جتي پاڪستان ۽ چين جي 75 سالن جي دوستي تي ٻڌل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعميراتي مشينري، جانورن جي صحت ۽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي بابت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، الحسن ٽريڊ اسٽيبلشمينٽ، سيني انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ۽ هينان جيالونگ انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن تحت سي پيڪ سان لاڳاپيل تعميراتي مشينري ۽ سامان جي فراهمي کي ٽي طرفي تعاون ذريعي فروغ ڏنو ويندو ۽ پاڪستان ۾ ڪارخانا لڳائڻ لاءِ سيڙپڪاري جي موقعن جو پڻ جائزو ورتو ويندو. مفاهمت جي يادداشت تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، سيني گروپ جي نائب صدر لي چن ۽ چيئرمين هاو جيالونگ دستخط ڪيا. ان کان علاوه، پاڪستان ۾ جانورن جي صحت جي ويڪسين، خاص طور تي پيرن ۽ وات جي بيمارين جي ويڪسين جي فراهمي جي لاءِ گڏيل منصوبي جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون، جنهن ۾ جانورن لاءِ ٽريڪ ۽ ٽريسيبلٽي سسٽم جي نفاذ تي مستقبل ۾ تعاون جي شرط شامل آهي. معاهدي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ لويوانگ ماڊرن بايولاجي گروپ جي چيئرمين وانگ شنپو دستخط ڪيا. ان کان علاوه ڊاڪٽر ضياءُ الدين اسپتال ۽ شينزين ويبينگ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ طبي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد ڪلينڪل دوائن ۾ طبي ذهين روبوٽس جي جديد استعمال کي فروغ ڏيڻ آهي. ايم او يو تي ڊاڪٽر ضياءُ الدين اسپتال جي ڊاڪٽر انوپ ڪمار داواڻي ۽ شينزين ويبينگ ٽيڪنالاجي جي ڊپٽي جنرل مئنيجر مسٽر ڊينگ هائي تائو دستخط ڪيا.
Source link

صدر جو چين جو دورو، ٻنهي ملڪن جي ادارن وچ ۾ معاهدن تي صحيحون
Leave a Comment Leave a Comment

