صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 5 جون تي شام 5 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس 5 جون شام 6 وڳي طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. ياد رهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن جو ايجنڊا به جاري ڪيو ويندو. ملڪ جي ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي مشاورت سان پيش ٿيڻي آهي، جنهن لاءِ اڪثر معاملا طئي ٿي ويا آهن. وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ اضافي لاءِ مختلف تجويزون پڻ تيار ڪيون ويون آهن. وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته پگهاردار طبقي سميت وڏي پئماني تي عوام کي رليف ڏنو ويندو.
Source link

صدر قومي اسيمبلي جي بجيٽ ۽ سينيٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

