علي ظفر جي توهين ڪيس ۾ ميشا شفيع کي نظرثاني اپيل ۾ جزوي رليف ملي ويو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گلوڪار علي ظفر پاران ميشا شفيع خلاف داخل ڪيل هتان جي دعويٰ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ عدالت ميشا شفيع جي اپيل تي سيشن ڪورٽ جي 5 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جي فيصلي کي مشروط طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس احمد نديم ارشد ميشا شفيع جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي قرار ڏنو ته اپيل جو حتمي فيصلو اچڻ تائين ڏنڊ جي رقم فوري طور لاڳو نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ميشا شفيع کي ڏنڊ جي اڌ رقم عدالت ۾ جمع ڪرائڻي پوندي جڏهن ته باقي رقم جي حفاظتي ضمانت ڏني ويندي. ٻڌڻي دوران عدالت ميشا شفيع جي ٽرائل ڪورٽ جي سموري فيصلي کي معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي واضح ڪيو ته جنسي هراساني جا الزام ٻيهر لڳائڻ تي هيٺين عدالت جي پابندي برقرار رهندي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ثبوت کانسواءِ ڪنهن کي به اهڙا سنگين الزام هڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ميشا شفيع طرفان ايڊووڪيٽ ثاقب جيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن موقف اختيار ڪيو ته سيشن ڪورٽ حقيقتن جو مڪمل ۽ درست جائزو نه ورتو. اپيل ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ميشا شفيع پنهنجا الزام ثابت نه ڪري سگهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته علي ظفر پاڻ کي مڪمل طور تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته ميشا شفيع به ساڳئي معاملي تي صوبائي محتسب سان رابطو ڪيو هو، جڏهن ته فيصلي خلاف اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي کان اڳ توهين جي دعويٰ کي مڪمل طور تي اڪلائڻ نه گهرجي ها. عدالت علي ظفر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تي ٿيندي. واضح رهي ته سيشن ڪورٽ علي ظفر جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي ميشا شفيع کي 50 لک رپيا هرجاڻي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هوءَ عدالت ۾ جنسي هراساني جا الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ان فيصلي کانپوءِ هي ڪيس شوبز انڊسٽري جي اهم ترين قانوني تڪرارن مان هڪ بڻجي ويو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment