عمان کي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي تي ايران به ڪاوڙجي ويو، وڏو بيان سامهون اچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران: ايران آبنائے هرمز جي معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عمان کي ڏنل مبينه ڌمڪي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي عمان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران عمان خلاف آمريڪي اهلڪارن جي ڌمڪي واري ٻولي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ خطي جي ملڪن جي خودمختياري جي احترام تي يقين رکي ٿو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز جي ڪنٽرول جي معاملي تي عمان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمان ٻين جهڙو سلوڪ نه ڪيو ته آمريڪا سخت ايڪشن وٺي سگهي ٿو.

ايراني ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته تهران عمان سان مڪمل يڪجهتي ۾ بيٺو آهي ۽ خطي ۾ دٻاءُ ۽ خوف جي سياست کي ناقابل قبول سمجهي ٿو.

هن ايران جي بندر عباس جي ڪجهه علائقن تي آمريڪا جي تازي حملن جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهڙيون ڪارروايون خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

باقي چيو ته ايران خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سامونڊي رستن جي تحفظ لاءِ علائقائي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ هر قسم جي ٻاهرين دٻاءُ باوجود پنهنجي قومي مفادن جو دفاع ڪندو رهندو.

سياسي تجزيه نگارن موجب آبنائي هرمز جي معاملي تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو خليج خطي ۾ نئين سفارتي ۽ فوجي بدامني پيدا ڪري سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment