ابوظهبي: گڏيل عرب امارات (UAE) ۾ هندستاني شهرين پاسپورٽ حاصل ڪرڻ، ويزا، دستاويزن جي تصديق ۽ ٻين قونصلر خدمتن ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هندستاني سفارتخاني عارضي طور تي انهن خدمتن کي سڌو سنئون پنهنجي آفيسن مان مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص طور تي هندستان ۾ جاري قانوني تڪرار جي ڪري.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ابوظهبي ۾ ڀارتي سفارتخاني ۽ دبئي ۾ ڀارتي قونصليٽ اعلان ڪيو آهي ته پاسپورٽ، ويزا، تصديق ۽ ٻيون قونصلر خدمتون 2 جولاءِ کان سڌو سنئون محدود پيماني تي فراهم ڪيون وينديون، درخواست ڏيندڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي صبح 9 وڳي کان منجهند 12:30 وڳي تائين بغير اپوائنٽمينٽ جي ”واڪ ان“ جي بنياد تي خدمتون حاصل ڪن.
رپورٽن مطابق، UAE ۾ هندستاني قونصلر خدمتون اڳ ۾ BLS انٽرنيشنل ۽ SGIVS پاران مهيا ڪيون ويون آهن، پر انهن ڪمپنين جا معاهدو 30 جون 2026 تي ختم ٿي ويا.
نئين ٽينڊر تحت، الهند ٽورس اينڊ ٽريول کي انڊين قونصلر ايپليڪيشن سينٽرز لاءِ نئين سروس فراهم ڪندڙ طور چونڊيو ويو ۽ 1 جولاءِ کان خدمتون سنڀالڻ گهرجن، پر قانوني ڪارروائي سبب منتقلي روڪي وئي.
ذريعن موجب، ٻن ڪمپنين ٽينر جي ٽيڪنيڪل تشخيص ۽ اسڪورنگ جي طريقيڪار کي هندستان جي دهلي هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. بعد ۾ معاملو سپريم ڪورٽ آف انڊيا پهتو، جتي عدالت اسٽيٽس ڪو برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي حتمي فيصلي تائين وڌيڪ تبديلين کان روڪي ڇڏيو.
ساڳئي عدالتي حڪم سبب نئين ڪمپني سرڪاري طور تي خدمتون سنڀالي نه سگهيون، جڏهن ته اڳوڻين ڪمپنين به پنهنجا مرڪز عوام لاءِ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب قونصلر سروسز ۾ عارضي خلل پئجي ويو.
ڀارتي سفارتي مشن ان صورتحال کي ’عارضي انتظام‘ قرار ڏيندي چيو ته نئين ڪمپني کي خدمتن جي منتقلي بابت وڌيڪ اعلان عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ ۽ قانوني رڪاوٽون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.
انگن اکرن موجب، جنوري 2022 ۽ ڊسمبر 2024 جي وچ ۾، UAE ۾ هندستاني سفارتي مشن تقريبن 1.58 ملين قونصلر خدمتون مهيا ڪيون، جن ۾ صرف 2024 دوران 3.64 ملين پاسپورٽ سان لاڳاپيل خدمتون شامل آهن.


