فلم ڪالا هارن تڪراري، سلمان خان جي حق ۾ وڏو عدالتي فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي دهلي هاءِ ڪورٽ مان وڏي قانوني فتح ملي وئي. عدالت فلم ”ڪالا هارن: دي بيٽل فار ليگيسي“ جي پروڊيوسر اميت جاني کي حڪم ڏنو آهي ته فلم جو ٽيزر، پوسٽر ۽ فلم سان لاڳاپيل سمورا آن لائين انٽرويوز ۽ پروموشنل مواد انٽرنيٽ تان فوري طور تي هٽايو وڃي. اهو حڪم جسٽس جيوتي سنگهه سلمان خان جي درخواست تي جاري ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪنهن به فرد جي وقار کي نقصان پهچڻ کان پوءِ ازالو ڪرڻ آسان ناهي، ان ڪري تڪراري مواد جي اشاعت جاري نه رکي وڃي. عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته فلم جي پروموشنل مواد ۾ واضح اشارا موجود آهن ته سلمان خان کي 1998ع جي ڪاري هرڻ جي شڪار ڪيس ۽ گينگسٽر لارنس بشنوئي جي تڪرار سان ڳنڍيل آهي. عدالت موجب ان قسم جو تاثر نه رڳو اداڪار جي وقار لاءِ پر سندس سيڪيورٽي لاءِ به مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. سلمان خان جي وڪيلن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ فلم ۾ سڌو سنئون اداڪار جو نالو استعمال نه ڪيو ويو آهي، ليڊ ڪردار کي سلمان خان وانگر ڏيکاريو ويو آهي. وڪيلن موجب، ڪردار پنهنجي هٿ تي هڪ مخصوص نيري ڪنگڻ وانگر سلمان خان جي هٿ تي لڳايو هو ته جيئن ڏسندڙ هن کي حقيقي اداڪار سان ڳنڍي سگهن. عدالت کي اهو به ٻڌايو ويو ته ٽيزر ۾ ڪردار کي بندوق سان ڏيکاريو ويو، جنهن سان عوام ۾ غلط تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سلمان خان کي آرمس ايڪٽ جي هڪ ڪيس ۾ اڳ ئي بري ڪيو ويو هو. درخواستگذار جي وڪيلن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته فلم جي پروڊيوسر سلمان خان جي ماضي جي ڪيسن ۽ لارنس بشنوئي طرفان مليل ڌمڪين کي فلم جي مشهوري ۽ ڪمرشل فائدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا سندس شهرت کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي. عدالتي حڪم تي عمل ڪندي پروڊيوسر اميت جاني کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سلمان خان سان لاڳاپيل سمورا پروموشنل مواد، وڊيوز ۽ ميڊيا انٽرويوز کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ يوٽيوب سميت ٻين آن لائين ذريعن تان هٽايو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment