لاس اينجلس:
اسپين 2026 فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آسٽريا کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 3-0 تان شڪست ڏئي 16 سالن ۾ ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ پهرين فتح حاصل ڪئي.
لاس اينجلس ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسپين شروع کان ئي راند تي ڪنٽرول ڪيو ۽ مسلسل دٻاءُ کانپوءِ 36هين منٽ ۾ گول ڪري برتري حاصل ڪري ورتي.
ميڪل اويارزابال مارڪ ڪوڪوريلا جي شاندار لو ڪراس تان بال کي جال ۾ داخل ڪري ٽيم کي 1-0 جي برتري ڏياري.
ٻئي هاف ۾ اسپين جو دٻاءُ برقرار رهيو ۽ 66 هين منٽ ۾ رائيٽ بيڪ پيڊرو پورو ڪجهه خوبصورت ٽيم ورڪ کانپوءِ ايلڪس بينا جي ڪراس تان هيڊر ڪري ٻيو گول ڪيو.
ميچ جي آخري لمحن ۾ مارڪ ڪوڪوريلا هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار پاس ڪيو جنهن تي ميڪل اويارزابال پنهنجو ۽ ٽيم جو ٽيون گول ڪري ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي گولن جو انگ 4 بڻائي ڇڏيو.
اسپين کي به پهرئين هاف ۾ هڪ گول ڪيو هو پر VAR کانپوءِ ان کي گول ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
آسٽريا جي گول ڪيپر اليگزينڊر شليگر پنهنجي ٽيم کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪيترائي شاندار بچاءُ ڪيا پر هو به اسپين جي مسلسل تسلط آڏو بيوس نظر آيو.
آسٽريا، جيڪو 1954 کان پوءِ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلن تائين پهتو، سڄي ميچ ۾ ڪافي مزاحمت نه ڪري سگهي.
ان ڪاميابي سان اسپين ٽورنامينٽ ۾ مسلسل چوٿين ميچ ۾ ڪلين شيٽ برقرار رکي ۽ دفاعي ڪارڪردگيءَ ۾ ميڪسيڪو کان نمايان پوزيشن حاصل ڪري ورتي.


