آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ: پاڪستاني اسپنر ابرار احمد دنيا جو ٻيون بهترين بالر بڻجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آءِ سي سي جي تازي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ليگ اسپنر ابرار احمد هڪ درجو مٿي چڙهي دنيا جو ٻيو بهترين بالر بڻجي ويو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل رينڪنگ موجب ابرار احمد ڀارت جي ورون چڪرورتي کي پوئتي ڇڏي 736 پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته افغانستان جو راشد خان 753 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي. پاڪستان جي ٻين بالرز ۾ محمد نواز 12 هين، سلمان مرزا 20 هين ۽ شاهين شاهه آفريدي 602 ريٽنگ پوائنٽس سان 30 هين نمبر تي آهي. ٽي 20 بيٽنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو اوپنر صاحبزاده فرحان 848 رينڪنگ پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ ريٽنگ حاصل ڪندڙ بيٽسمين آهي. ڀارت جو ايشان ڪشن پهرين نمبر تي واپس اچي ويو آهي جڏهن ته سندس هم وطن اڀيشيڪ شرما هڪ درجا هيٺ لهي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جي ٻين بيٽسمينن ۾ وسيم ايوب 40 هين، بابر اعظم 42 هين ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سلمان علي آغا 44 هين نمبر تي آهي. ٽي 20 آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ صائم ايوب ٽئين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته زمبابوي جو سڪندر رضا پهرين ۽ ڀارت جو هاردڪ پانڊيا ٻئين نمبر تي آهي. ٽيسٽ بيٽنگ رينڪنگ ۾ محمد رضوان هڪ درجو مٿي چڙهي 18هين ۽ بابر اعظم 19هين نمبر تي اچي ويو آهي. سعود شڪيل 23 هين پوزيشن تي برقرار آهي جڏهن ته سلمان علي آغا 2 درجا هيٺ لهي 28 هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ بالرز ۾ نعمان علي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ ڪندڙ بالر آهي ۽ ستين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ۽ محمد عباس ٻه درجا ترقي ڪري بالترتيب 25 ۽ 26 هين نمبر تي اچي ويا آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment