علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جو آفيسر پروٽوڪول جي آڙ ۾ شراب جون بوتلون کڻندي گرفتار ٿي ويو. ڪسٽم اختياريون ڪارروائي ڪري بوتلون هٿ ڪري ورتيون، گرفتار آفيسر جو انٽري پاس منسوخ ڪري معطلي تحت ڪارروائي ڪئي وئي. تفصيل موجب 2 ڏينهن اڳ اتحاد ايئر ويز جو مسافر اعليٰ معيار جي شراب جون 65 بوتلون پاڻ سان کڻي آيو هو. پي آءِ اي جو آفيسر صفدر گوندل جيڪو مسافر سروس آفيسر هو پنهنجي ساٿين سان گڏ آيو ۽ پروٽوڪول جي آڙ ۾ مسافر کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪسٽم آفيسر سامان صاف نه ڪيو ۽ بوتلون ضبط ڪري ورتيون جنهن تي مسافر موقعي تان فرار ٿي ويو، صفدر گوندل ۽ سندس ساٿي به ان ڏينهن ايئرپورٽ ڇڏي ويا. ان حوالي سان ڪسٽم عملدارن پي آءِ اي جي اسٽيشن مئنيجر کي آگاهه ڪيو، جنهن تي سندن آفيسر ايئرپورٽ تي ڊيوٽي تي پهتا ۽ ڪارروائي شروع ڪئي وئي ۽ اسٽيشن مئنيجر به ان حوالي سان پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. اي ايس ايف ڪارروائي شروع ڪندي انهن ماڻهن جا انٽري پاس منسوخ ڪرڻ، ايئرپورٽ ڊيوٽي تان هٽائڻ ۽ ڊپارٽمينٽل ايڪشن وٺڻ جو چيو آهي. اڏام EY 284 ابوظهبي کان آئي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله خان جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل آفيسر کي معطل ڪري قانوني ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي.
Source link

لاهور ايئرپورٽ تي پي آءِ اي آفيسر پروٽوڪول جي آڙ ۾ شراب جون بوتلون کڻندي گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

