بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ وڌندڙ ٽريفڪ مسئلن جي مستقل حل لاءِ جديد اي آءِ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) تي ٻڌل ٽريفڪ سگنلز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ شهر ۾ جديد ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم تي عملدرآمد جي حڪمت عملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. آفيسرن هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جديد ٽريفڪ سگنلز کي ٽريفڪ جي وڌندڙ دٻاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ فعال ڪيو ويندو، جنهن سان ٽريفڪ جي وهڪري کي موثر طريقي سان منظم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير مير سرفراز بگٽي هدايت ڪئي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائي شهرين کي محفوظ، منظم ۽ بهتر سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن لاڳاپيل ادارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو موثر، پائيدار ۽ جديد ٽريفڪ نظام قائم ڪرڻ لاءِ مربوط قدمن کي يقيني بڻائين. وڏي وزير چيو ته شهرين جي سهولت ۽ محفوظ ٽريفڪ سسٽم بلوچستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريفڪ مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا جو اهم حصو آهي. هن چيو ته AI بيسڊ ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم لاڳو ٿيڻ سان سفري وقت ۾ گهٽتائي ايندي، روڊن تي نظم و ضبط، شفافيت ۽ موثر مانيٽرنگ کي هٿي ملندي ۽ شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ٿينديون. مير سرفراز بگٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪوئيٽا کي جديد شهري سهولتن سان آراسته ڪرڻ بلوچستان حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فيصلن ذريعي عوام کي محفوظ، منظم ۽ آسان سفري ماحول فراهم ڪيو ويندو.
Source link

ڪوئيٽا ۾ ٽريفڪ مسئلن جي مستقل حل لاءِ اي آءِ بيسڊ ٽريفڪ سگنلز لڳائڻ جو فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

