مزاحمت تي ڌيءَ کي دفنائڻ ويندڙ پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ زخمي، گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

مزاحمت تي ڌيءَ کي دفنائڻ ويندڙ پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪري ورتو.

سپر هاءِ وي پنجاب بس اسٽينڊ ڀرسان چوري جي واقعي دوران ڌيءَ کي دفنائڻ ويندڙ پيءُ کي قتل ۽ چاچي کي زخمي ڪندڙ وحشي جوابدار پوليس مقابلي ۾ گرفتار ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار جو ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

سچل ٿاڻي جي حد اسڪيم 33 سڪندر گوڙ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، جتي سندس سڃاڻپ صهيب ولد رحمان علي طور ٿي آهي.

ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ موجب گرفتار جوابدار ۽ سندس مفرور ساٿي 2 ڏينهن اڳ سپر هاءِ وي پنجاب بس اسٽينڊ وٽ ڦر جي مزاحمت تي پنهنجي ڌيءَ جي جنازي تي ويندڙ پيءُ منصور احمد کي قتل ۽ چاچي راشد علي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث آهن.

هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ پيش آيل افسوسناڪ واقعي کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس پي سهراب گوڙ جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي هئي.

جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته سخت فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو.

زخمي جوابدار جي قبضي مان هڪ غير قانوني پستول، بارود ۽ هڪ موبائل فون هٿ ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦرلٽ سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي. گرفتار جوابدار جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جوابدار جي ساٿي جي گرفتاري لاءِ به ڪوششون جاري آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment