صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جا 3 لک 66 هزار ڪيس سامهون آيا آهن.
تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي ڪيسن ۾ واڌ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه علائقن ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو وڏو سبب سرنج جو بار بار ۽ غير محفوظ استعمال آهي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته يو اين ڊي پي جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 3 لک 66 هزار ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 84 هزار ماڻهو اي آر ٽي سينٽرن ۾ رجسٽرڊ آهن.
هن چيو ته 2020 ۾ 37 هزار ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، جڏهن ته 2026 ۾ اهو انگ وڌي 372 هزار ٿي ويو آهي.
صحت واري وزير چيو ته ايڇ آءِ وي بابت هدايت ۽ معلومات لاءِ جلد هڪ هيلپ لائن پڻ قائم ڪئي ويندي. سيد مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جي 611 ڪيسن مان صرف 200 ڪيس اسلام آباد جا آهن جڏهن ته باقي ملڪ جي ٻين حصن مان آهن.
هن چيو ته ايڇ آءِ وي جو علاج ۽ دوائون موجود آهن ان ڪري ان کي لاعلاج مرض نه سمجهيو وڃي. حڪومت ايڇ آءِ وي ايڊز جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، سال 2024 ۾ تونسه ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون آيا پر اسلام آباد ۾ هڪ به وبا نه پکڙجي وئي.
اجلاس دوران قومي اسيمبلي انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن جي رجسٽريشن اينڊ ريگيوليشن ترميمي بل 2026ع جي به منظوري ڏني.


