صدر آصف علي زرداري مهنگائي گهٽائڻ، ضروري شين جي دستيابي ۽ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ممڪن قدمن جي هدايت ڪئي.
ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي صدر سان صدر هائوس ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون وارو وفاقي وزير نذير تارڙ، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم به موجود هئا.
ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، افغانستان جي معاملن ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته حق جي جدوجهد جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن سان گڏ قومي دفاع لاءِ غير متزلزل عزم کي ورجايو ويو.
صدر چيو ته ڏکين جاگرافيائي ۽ علائقائي صورتحال، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ متاثر سپلائي چين جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي.
صدر مهانگائي جو دٻاءُ گهٽائڻ، ضروري شين جي دستيابي ۽ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ممڪن قدمن جي پڻ هدايت ڪئي.


