بي جي پي جي ڪٺ پتلي وزيراعظم نريندر مودي جي انتهاپسندي ۽ نفرت تي ٻڌل پاليسين سڄي هندستان کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
مودي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب مني پور، ناگالينڊ کان پوءِ اتراڪنڊ ۽ هماچل ۾ به صورتحال خراب ٿي وئي آهي. ڀارت جي پنهنجي رسالي ”دي هندو“ مودي سرڪار جي نااهلي ۽ ڀارت جي بدترين اندروني حالتن کي سامهون آندو.
ميڊيا رپورٽن موجب اتراڪنڊ جي سرحد تي صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي، جتي نهانگ سکن سرحدي رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجي مقدس جاءِ هيم ڪنڊ صاحب ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
دي هندو موجب سک احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو آهي ته هو ڪرن پرياگ واقعي ۾ گرفتار ڪيل 4 نهانگ سکن جي آزادي تائين احتجاج جاري رکندا. واضح رهي ته هماچل پرديش ۽ اتراڪنڊ جي سرحد تي صورتحال ان وقت وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جڏهن نهنگ سکن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
ڀارتي اخبار موجب سک مظاهرين ٻنهي رياستن جي سنگم تي واقع ڪلهال چيڪ پوسٽ تي رڪاوٽون ٽوڙي مارچ کي اڳتي وڌايو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته سکن خلاف مذهبي پابنديون ۽ مودي سرڪار جا ظالمانه رويا ڀارتي سکن ۾ احساس محرومي ۽ نفرت کي جنم ڏئي رهيا آهن. ڀارت ۾ روزانو فساد ۽ تحريڪون اهو ثابت ڪن ٿيون ته مودي حڪومت صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بری طرح ناڪام ٿي چڪي آهي.
جين زي تحريڪ کان وٺي تازو سک احتجاجن تائين، اهي اڀرندڙ نوان لهر هندستان لاءِ هڪ وڏي بحران جو اعلان ڪن ٿا.


