وفاقي حڪومت پاران اعلانيل نئين مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، جنهن موجب 1 لک 83 هزار يا 22 لک رپيا سال جي ماهوار آمدني تي ٽيڪس جي موجوده شرح برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ سالياني آمدني وارن تي سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب نئين وفاقي بجيٽ تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي ۽ 183 هزار رپيا ماهوار يعني 22 لک رپيا سال جي آمدني تي ٽيڪس جي شرح برقرار رکي وئي آهي. نئين بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپين جي سالياني آمدني تي سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، اڳ ۾ 50 ڪروڙ رپين جي آمدني تي 1 کان 7.5 سيڪڙو تائين سپر ٽيڪس لاڳو هوندو هو. اهڙي طرح 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارن فردن يا ڪمپنين تي 8 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ان کان اڳ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس جي شرح هئي، 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارن ماڻهن ۽ ڪمپنين تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس برقرار رکيو ويو آهي. وفاقي حڪومت بئنڪنگ ۽ تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين تي 10 سيڪڙو ۽ ڀاڻ جي وڪرو تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس برقرار رکيو آهي.
Source link

نئين بجيٽ تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، ماهوار آمدني تي ٽيڪس جي شرح برقرار رکي وئي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

