نيٽو آمريڪا جي حمايت ۾ نڪري آيو، ايران تي نئين حملن کي ’ضروري قدم‘ قرار ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


انقره: نيٽو سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽ ايران تي تازي آمريڪي هوائي حملن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته واشنگٽن جي فوجي ڪارروائي “بلڪل ضروري” هئي جنگبندي جي ڀڃڪڙي کان پوء.

رائٽرز نيوز ايجنسي موجب مارڪ روٽ ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ نيٽو سربراهه اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن جنگبندي موجود آهي ۽ هڪ طرف ان جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا لاءِ سخت جواب ڏيڻ انتهائي ضروري آهي.

مارڪ روٽ چيو ته سندس خيال ۾ ايران طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي کانپوءِ آمريڪا طرفان فوري ۽ موثر ڪارروائي صورتحال کي خراب ٿيڻ کان روڪڻ ۽ خطي ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي.

نيٽو سربراهه جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ايران تي تازو هوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. واشنگٽن جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن تي حملن ۽ جنگبندي جي ڀڃڪڙين جي جواب ۾ ڪئي وئي.

ٻئي طرف ايران آمريڪي حملن کي غير قانوني جارحيت قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته تهران پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي دفاع لاءِ مناسب جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته نيٽو سربراهه جي آمريڪي عمل جي کليل حمايت مان ظاهر ٿئي ٿو ته مغربي اتحاد ان مسئلي تي واشنگٽن جي موقف جي ويجهو اچي رهيو آهي پر خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ عالمي سلامتي ۽ توانائي مارڪيٽن لاءِ پريشاني جو باعث بڻيل آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي ته ان جا اثر نه رڳو وچ اوڀر پر عالمي واپار، تيل جي فراهمي ۽ عالمي سفارتڪاري تي به پئجي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment