امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي ختم نه ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون، ڦيٿا جام، روڊ بلاڪ ڪيا ويندا، حڪمران عوام جو رت وهائڻ بند ڪن. 18 مئي تي پيٽروليم ليوي کي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد جي ابپارا چوڪ تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته مهانگائي خلاف تحريڪ اسلام آباد کان شروع ٿي چڪي آهي، ڇنڇر تي چترال ۽ ٻئي ڏينهن ديرپائي ۾ تاريخي جلسا ٿيندا، ملڪ گير هڙتال ۽ ڦيٿا جام بابت مشاورت کانپوءِ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو، عيد کانپوءِ احتجاجي تحريڪ زور وٺندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم ليوي مان هن وقت تائين 8 هزار 66 ارب رپيا گڏ ڪيا، جنهن مان 100 ارب به پيٽروليم انفراسٽرڪچر جي بهتري تي نه لڳايا ويا. حافظ نعيم چيو ته ڪجهه وزيرن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو اشارو ڏنو آهي، حڪمران ائين ڪرڻ کان پاسو ڪن ته جيئن عوام جي ڪاوڙ کين حسينه واجد وانگر ڀڄڻ جو موقعو نه ڏئي.
Source link

وزيراعظم پنهنجي سيني تي پٿر رکي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو ڊرامو بند ڪري: حافظ نعيم
Leave a Comment Leave a Comment

