وفاقي حڪومت حڪومتي خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هلندڙ مالي سال ۾ سادگي جا قدم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سستي قدمن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا ڊويزن فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ناڻي واري وزارت کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. فيصلي موجب گذريل ٽن سالن کان خالي پيل سموريون پوسٽون ختم ڪيون وينديون، جڏهن ته نيون پوسٽون ٺاهڻ تي پابندي به برقرار رهندي. اهڙي طرح هلندڙ مالي سال دوران هر قسم جي سرڪاري گاڏين جي خريداري جي اجازت نه هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشينري ۽ سامان جي خريداري تي به پابندي برقرار رکي وئي آهي. ان کان علاوه سرڪاري خرچ تي پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ ۽ غير ضروري پرڏيهي دوري تي پابندي به برقرار رهندي. ذريعن موجب، ناڻي واري وزارت طرفان انهن سستي قدمن بابت باضابطه نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
Source link

وفاقي حڪومت جو سادگي واري پاليسي برقرار رکڻ جو فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

