ٽينڪر مالڪن پاران پيٽرول جي روزاني قيمتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آئل ٽينڪر ڪانٽريڪٽرز ايسوسي ايشن پيٽروليم واري وفاقي وزير کي خط لکي پيٽروليم شين جي روزاني قيمتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته روزاني قيمتن جو نظام ٽينڪر انڊسٽري کي سخت مالي نقصان پهچائي سگهي ٿو ۽ ڪاروبار هلائڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪندو. ايسوسيئيشن موجب ان فيصلي سبب ٽينڪر آپريشن به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ٽينڪر مالڪن حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو پراڻو نظام بحال ڪيو وڃي ڇو ته روزاني قيمتن جو فيصلو صنعتن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment