پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جو چالان جمع، عمران خان مرڪزي جوابدار نامزد

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ کيس مرڪزي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب جاچ اداري طرفان بينڪنگ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ عمران خان کي مرڪزي جوابدار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ٻين ماڻهن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته رجسٽرار آفيس طرفان چالان جي ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڪيس باقاعده ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو.

پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جتي چالان تي وڌيڪ ڪارروائي جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment