پاڪستان جي اڀرندڙ سفارتي ۽ معاشي طاقت طور سڃاتي وڃي ٿي، سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ نمايان اضافو، بلومبرگ به اعتراف ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان خطي ۾ اڀرندڙ سفارتي ۽ معاشي طاقت آهي، جڏهن ته عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.

آمريڪي نشرياتي اداري بلومبرگ چيو آهي ته خليجي ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ پاڪستان جي انتهائي سرگرم، سوچي سمجهي ۽ دور انديشي واري سفارتي ڪردار عالمي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو آهي.

عالمي مالياتي انگن اکرن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ بااختيار اداري بلومبرگ موجب ڏکين علائقائي ۽ معاشي چئلينجن باوجود پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، پاڪستاني معيشت جو استحڪام برقرار رهيو، رپيو 280 في ڊالر تي مستحڪم رهيو، جڏهن ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ سڄي سال دوران رڳو 1.3 سيڪڙو جي معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

بلومبرگ جي رپورٽ موجب پاڪستان جي معاشي مضبوطي جا بنيادي سبب آءِ ايم ايف کان تعاون، خليجي سفارتڪاري ۽ سعودي عرب ۽ چين جي مالي مدد شامل آهن. سعودي عرب 3 ارب ڊالرن جا ذخيرا ۽ 5 بلين ڊالر قرض جي سهولتن ۾ وڌائي ڇڏيا، جڏهن ته چين پاڪستان جي پهرين ”پانڊا بانڊ“ ۾ 257 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي.

بلومبرگ چيو ته عالمي معاشي طاقتون پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي تسليم ڪندي نظر اچي رهيون آهن، محفوظ جاگرافيائي مقام جي ڪري گوادر بندرگاهه مستقبل ۾ خطي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم اسٽريٽجڪ لاجسٽڪ حب بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

عالمي ماهرن موجب پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ فوجي اهميت، گوادر بندرگاهه جي اسٽريٽجڪ پوزيشن ۽ مسلم دنيا ۾ وڌندڙ سفارتي ڪردار عالمي سيڙپڪارن لاءِ نئين ڪشش جو سبب بڻجي رهيا آهن.

ماهرن موجب جيڪڏهن ايم ايف پروگرام، دوست ملڪن جي مالي مدد ۽ برآمدي سڌارن جو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ خطي جي اڀرندڙ معاشي ۽ تجارتي معيشت بڻجي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment