پاڪستان وومين ٽيم آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آئرلينڊ جي شهر ناٽنگهم کان انگلينڊ روانو ٿي وئي آهي.
تفصيل موجب پاڪستان وومين ٽيم برمنگهم کان ٿيندي ناٽنگهم پهچندي جتي 6 جون تي ڊربي ۾ سريلنڪا خلاف پهرين وارم اپ ميچ کيڏندي.
آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي وومين ٽيم جون تياريون زور شور سان جاري آهن.
قومي وومين اسڪواڊ ميگا ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.


