پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٽه ملڪي سيريز لاءِ سومر تي آئرلينڊ رواني ٿيندي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ان کان اڳ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي وومين ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ سومر تي آئرلينڊ روانو ٿي رهي آهي. سيريز جو مقصد 12 جون کان 5 جولاءِ تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ کيڏي ويندڙ آءِ سي سي وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي وومين ٽيم جي آخري تياري آهي، پاڪستان وومين ٽيم ايونٽ ۾ 2، 2 ميچون کيڏندي. آل رائونڊر فاطمه ثنا ٽي ملڪي سيريز ۽ ورلڊ ٽي 20 ڪپ ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي قيادت ڪندي. پاڪستان وومين اسڪواڊ ۾ فاطمه ثنا، عاليه رياض، عائشه ظفر، ڊيانا بيگ، ايمان فاطمه، گل فيروزه، ارم جاويد، منيبا علي صديقي، ناصره سنڌو، نتاليا پرويز، رامين شميم، سعديه اقبال، سائره جبين، تسميه رباب ۽ طوبيٰ حسن شامل آهن. امبر ڪائنات، مومنه رشتا، صدف شمس، سدرا امين، سيده عروب شاهه ۽ ام هاني ريزرو رانديگر آهن. پاڪستان وومين ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي سفر جي شروعات 14 جون تي برمنگهم ۾ روايتي حریف ڀارت سان ڪندي، گروپ اسٽيج جي ٻئين ميچ ۾ 17 جون تي ڏکڻ آفريڪا، 20 جون تي بنگلاديش ۽ 23 جون تي آسٽريليا کي برسٽول ۾ پنهنجي 5هين ۽ آخري ميچ ۾ 27 جون تي هالينڊ سان منهن ڏيڻو پوندو. هوڏانهن آئرلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان وومين ٽيم جي 4 ڏينهن واري مختصر تربيتي ڪيمپ اربع کان ايل سي سي اي گرائونڊ لاهور ۾ شروع ٿي وئي آهي، جيڪا ڇنڇر تائين جاري رهندي. بعد ۾ سومر تي قومي وومين ٽيم پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويندي، واضح رهي ته پاڪستان وومينز تازو ئي ڪراچي ۾ زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي وومينز سيريز ۾ 0-3 تان ڪلين سوئپ ڪيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment