پاڪستان ڀارت لاءِ پنهنجي فضائي حدن جي بندش ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ان حوالي سان نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن موجب ڀارتي رجسٽرڊ يا ڀارت سان لاڳاپيل جهازن کي پاڪستان جي فضائي حدن مان اڏامڻ جي اجازت نه هوندي.
نوٽام موجب اها پابندي 24 آگسٽ 2026 تائين لاڳو رهندي، ان دوران پاڪستاني هوائي حدون سمورن ڀارتي جهازن لاءِ بند رهنديون.
واضح رهي ته پاڪستان 23 اپريل 2025 کان ڀارتي جهازن لاءِ پنهنجون فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون، جنهن ۾ هاڻي هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي.


