پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جو اجلاس، ٽرانسپورٽرن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي مشاورت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جو چوڻ آهي ته ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽرن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.

ملڪ شبر خان چيو ته ڊسمبر جي ملڪ گير هڙتال دوران پيدا ٿيل اتحاد اڄ به برقرار آهي ۽ سمورا ٽرانسپورٽر متحد آهن، جڏهن ته پورٽس اينڊ شپنگ واري وزير جو مائي ڪلائي روڊ تي ٽرڪ-ٽريلر پارڪنگ فراهم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪرڻ ڪميٽي جي ڪاميابي آهي.

ملڪ شير خان اعواڻ موجب جنگي صورتحال سبب ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي.
غلام ياسين خان چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ کانپوءِ 50 سيڪڙو گاڏيون بند ٿيڻ جي ويجهو آهن.

نثار حسين جعفري چيو ته وفاقي حڪومت گڊز ٽرانسپورٽرن کي ڪو به رليف نه ڏنو آهي.
بختاور خان وزير مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪئي وڃي.

محمد رمضان چيو ته ٽرڪ ٽرالر لاءِ جيڪا سبسڊي ڏني پئي وڃي اها انتهائي ناقص آهي.
حاجي عرب وزير مطالبو ڪيو ته ڊسمبر جي هڙتال دوران حڪومت سان ڪيل معاهدن تي عمل ڪيو وڃي.

حاجي اشرف نيازي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اگهه وڌيڪ وڌيا ته مقامي گاڏيون مڪمل طور بند ڪيون وينديون.
عديل عباسي چيو ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ٽرانسپورٽرن کي نقصان ٿي رهيو آهي، حڪومت ٽول ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ رليف ڏئي.

حاجي عمران ۽ حاجي دين محمد پاران ممڪنه احتجاج سميت رابطا ڪميٽي جي هر فيصلي سان گڏ بيهڻ جو عزم ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽرانسپورٽرن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment