مواد مانيٽائيزيشن Facebook مان ڪمائڻ لاءِ هڪ اهم اوزار آهي، هڪ دفعو توهان هن ٽول کي چالو يا ان لاڪ ڪيو، توهان Facebook تي ڪمائڻ شروع ڪندا. جڏهن ته هن ٽول کي چالو ڪرڻ لاءِ فيس بڪ مختلف وقتن تي مختلف چئلينجز يا معيار ڏنا آهن جن کي پورو ڪرڻ لازمي آهي، مثال طور فيس بڪ توهان کي 10 هزار فالورز ۽ 6 ملين منٽن جي واچ ٽائيم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مواد مانيٽائيزيشن تائين پهچ ڏيندو هو پر هاڻي فيس بڪ ان چئلينج يا معيار کي ڪجهه خاص اڪائونٽس يا پيچز لاءِ تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪجهه فيس بڪ اڪائونٽس ۽ پيجز تي ڪنٽينٽ مانيٽائيزيشن ٽول کي فعال يا ان لاڪ ڪرڻ لاءِ هڪ چيلنج ڏنو ويو آهي ۽ هي چيلينج اڄ تائين فيس بڪ پاران ڏنل سمورن چئلينجز يا معيارن مان آسان ترين آهي جنهن کي تمام آساني سان مڪمل ڪري سگهجي ٿو.
فيس بڪ جي هن تازي اپڊيٽ موجب جيڪڏهن توهان 28 ڏينهن ۾ پنهنجي پيج تي 3 لک ويزز جو ٽارگيٽ پورو ڪيو ته پوءِ توهان کي مواد مانيٽائيزيشن ٽول ملندو ۽ توهان جي آمدني ڊالرن ۾ شروع ٿي ويندي ۽ 28 ڏينهن ۾ ڪنهن به پيج تي 3 لک ويز حاصل ڪرڻ ايترو وڏو چئلينج ناهي جنهن کي ڪو به حاصل نه ڪري سگهي پر ان لاءِ فيس بوڪ جي ٻين پاليسين جو خيال رکڻ تمام ضروري آهي.


