پاڪستاني ٽيم 1000 ون ڊي ميچز کيڏندڙ دنيا جي ٽين ٽيم بڻجي وئي آهي.
تفصيل موجب پاڪستاني ٽيم اڄ آسٽريليا سان راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي رهي آهي، جيڪا سندس 1000هين ون ڊي ميچ آهي.
آسٽريليا خلاف يادگار ميچ تي آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلز پاڪستاني ڪپتان کي سووينئر پيش ڪيو.
ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو ته هن تاريخي موقعي تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي فخر محسوس ڪريان ٿو.
واضح رهي ته انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون سڀ کان وڌيڪ ون ڊي ميچون کيڏندڙ ٽيمن ۾ بالترتيب پهرين ۽ ٻئي نمبر تي آهن.


