پراپرٽي ٽيڪس ۾ وڏي گهٽتائي جي تجويز، حڪومت جو رئيل اسٽيٽ سيڪٽر کي رليف ڏيڻ جو منصوبو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت ريئل اسٽيٽ ۽ تعميراتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪيت جي خريد و فروخت تي لڳل ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ وڏي گهٽتائي جي تجويز ڏني آهي. ذريعن موجب پراپرٽي خريداري تي ٽيڪس جي شرح 1.5 سيڪڙو مان گهٽائي 0.25 سيڪڙو ۽ سيلز ٽيڪس 4.5 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. حڪومت جو خيال آهي ته ٽيڪسن ۾ گهٽتائي سان پراپرٽي مارڪيٽ ۾ سرگرميون وڌنديون ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي ۾ اضافو ٿيندو. ان حوالي سان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو رليف رڳو فائلرز لاءِ هوندو، جڏهن ته نان فائلرز لاءِ پراپرٽي جي خريد و فروخت تي موجوده ٽيڪس جي شرح 10.5 سيڪڙو برقرار رکڻ جي تجويز آهي. ٻئي طرف ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ 5 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment