پنجگور ۾ سڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 6 مبينا دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ 3 ۽ 4 جون جي وچ واري رات ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي پراڪسي تنظيم فتنا الهندوستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي موثر نموني نشانو بڻايو، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 6 شڪي ڀارتي اسپانسر دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود، آءِ اي ڊيز ۽ هڪ گاڏي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهي.
وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل نيشنل ايڪشن پلان تحت ملڪ مان پرڏيهي اسپانسرڊ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف ڀرپور مهم جاري رکندا.


