پيٽرول ۽ تيز رفتاري کانپوءِ حڪومت لائيٽ ڊيزل به مهانگو، گاسليٽ سستو ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

گذريل رات پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل کانپوءِ حڪومت لائيٽ ڊيزل به مهانگو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي.

ايڪسپريس نيوز موجب اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم جون ٻيون شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن پر گاسليٽ جي قيمت ۾ 4 رپيا 45 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 360 رپيا 76 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف گذريل رات پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اڄ صبح حڪومت لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپيا 3 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي. نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 287 رپيا 54 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي هئي، ان حوالي سان پيٽروليم ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو.

پيٽروليم ڊويزن طرفان گذريل رات جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اطلاق پهرين مئي رات 12 وڳي کان ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 39 رپيا 58 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 51 پئسا في ليٽر واڌ ٿي وئي آهي جنهن جي قيمت 399 86 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment