پي آءِ اي لاءِ 16 جهازن جي خريداري ۾ اڳڀرائي، حڪومت ۽ بوئنگ جلد ڊيل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


واشنگٽن:

گهرو وزير محسن نقوي واشنگٽن ۾ بوئنگ ڪمپني جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي پي آءِ اي لاءِ 16 نوان جهاز خريد ڪرڻ تي اڳڀرائي ڪئي وئي.

ايڪسپريس نيوز موجب گهرو وزير محسن نقوي بوئنگ گلوبل جي صدر برانڊن نيلسن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پي آءِ اي جي نئين انتظاميا جو وفد به ساڻس گڏ هو.

اجلاس ۾ پي آءِ اي لاءِ 16 نون جهازن جي خريداري تي اهم اڳڀرائي ڪئي وئي، پي آءِ اي لاءِ 16 نون جهازن جي خريداري لاءِ بهترين آپشنز تي غور ڪيو ويو ۽ اجلاس ۾ بهترين ڊيل کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

محسن نقوي بوئنگ گلوبل جي صدر برانڊن نيلسن جو شڪريو ادا ڪندي پي آءِ اي لاءِ نئين جهاز جي جلد خريداري لاءِ سهڪار جي يقين ڏياريو.

گهرو وزير محسن نقوي جهاز جي صنعت ۾ بوئنگ ڪمپني جي اهم ڪردار کي ساراهيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment