پي ايس ايل 11: پشاور زلمي جي رانديگرن ڪيترائي ايوارڊ کٽي ورتي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان سپر ليگ جو يارهين ايڊيشن پنهنجي شاندار نموني سان پڄاڻي تي پهتو آهي.

پي ايس ايل 11 جو فائنل قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويو، جنهن کان اڳ شاندار اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ آتشبازي پڻ ڪئي وئي.

پشاور زلمي فائنل ۾ حيدرآباد ڪنگز کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو.

پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم 2 سينچرين جي مدد سان 588 رنسون ٺاهي ايونٽ جو ڪامياب ترين بيٽسمين قرار ڏنو ۽ حنيف محمد کي ڪيپ ملي.

پشاور زلمي جو سفيان مقيم 22 وڪيٽون کڻي ايونٽ جو ڪامياب بالر رهيو ۽ فضل محمود ڪيپ حاصل ڪئي.

پشاور زلمي جي نوجوان رانديگر فرحان يوسف بهترين فيلڊر جو ايوارڊ کٽي ورتو.

ٽورنامينٽ جو ٻيو ڪامياب ترين بيٽسمين پشاور زلمي جي ڪوشل مينڊس بهترين وڪيٽ ڪيپر جو ايوارڊ حاصل ڪيو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب کي ٽورنامينٽ جو بهترين آل رائونڊر قرار ڏنو ويو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ايليمينيٽر 2 جي آخري اوور ۾ 6 رنسون ڏئي ڪاميابيءَ سان دفاع ڪندڙ حنين شاهه حيدرآباد ڪنگز کي فائنل تائين پهچايو ۽ بهترين ايمرجنگ رانديگر قرار ڏنو ويو.

ان کان علاوه آصف يعقوب بهترين امپائر جو ايوارڊ ماڻيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment