ڀارت ۾ برڪس ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ختم ٿي ويو آهي پر ان اهم اجلاس جو گڏيل پڌرنامو اختلافن جو شڪار ٿي ويو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب برڪس اجلاس کانپوءِ روايت جي ابتڙ ميزبان ملڪ ڀارت طرفان رڳو چيئرمين جو بيان جاري ٿي سگهيو.
ٻن ڏينهن واري اجلاس جي پڄاڻي تي ميمبر ملڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، جنهن جو سبب ايران جنگ ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي ڇڪتاڻ ٻڌايو پيو وڃي.
نئين دهلي ۾ برڪس اجلاس ۾ ميزبان ڀارت کان علاوه گڏيل عرب امارات، ايران، روس، چين، ڏکڻ آفريڪا ۽ برازيل جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن غزه جنگ، آبنائے هرمز جي صورتحال، سامونڊي واپار، علائقائي سلامتي ۽ عالمي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
سفارتي ذريعن موجب ايران چاهي ٿو ته برڪس ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي قدمن جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪري.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، متحده عرب امارات جو نالو وٺڻ کان سواء، هڪ ميمبر رياست تي اعلان جي حصن کي بلاڪ ڪرڻ جو الزام لڳايو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران موجوده جنگ ۾ رڳو آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي، جيتوڻيڪ اهي اڏا متحده عرب امارات جي سرزمين تي آهن.
ٻئي طرف گڏيل عرب امارتن ايراني الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي خلاف ڪنهن به حملي جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
اماراتي نائب پرڏيهي وزير خليفي شاهين المر ايران تي الزام لڳايو ته هو 28 فيبروري کان اماراتي شهري تنصيبات ۽ نازڪ انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ آبنائے هرمز ۾ بين الاقوامي شپنگ لين کي روڪي رهيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال تي ميمبر ملڪن وچ ۾ مختلف خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
چيئرمين جي بيان ۾ آبنائے هرمز ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جي جلد سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، علائقائي خودمختياري جو احترام، عالمي قانون جي پاسداري ۽ عالمي سامونڊي واپار جي تحفظ تي زور ڏنو ويو.
ملاقات ۾ غزه جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. BRICS ملڪن غزه کي فلسطيني علائقن جو حصو قرار ڏنو ۽ ويسٽ بئنڪ ۽ غزه کي فلسطيني اٿارٽي تحت متحد رکڻ جي حمايت ڪئي.


