بيجنگ: چين جي اڀرندي صوبي فوجيان ۾ جوتن جي فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عمارت اندر ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻجڻ جا اطلاع آهن.
چين جي سرڪاري ميڊيا موجب، جن جيانگ شهر ۾ ٽينگ بوٽن جي فيڪٽري ۾ خميس جي منجهند جي اوچتو باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ کانپوءِ امدادي ادارن فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ فائر برگيڊ جون درجنوں گاڏيون موقعي تي پهچي ويون.
چين جي ايمرجنسي مئنيجمينٽ واري وزارت موجب 183 اهلڪار ۽ 35 ريسڪيو گاڏيون باهه وسائڻ ۽ بچاءُ واري ڪم لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ به فيڪٽري مان دونھون نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمون گم ٿيلن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ وڊيوز ۾ ڪيترائي ماڻهو عمارت جي ڇت ۽ دريءَ تي پنهنجي جان بچائيندي ڏيکاريا ويا، جڏهن ته باهه هيٺئين منزل تي پکڙجي وئي.
جن جيانگ فائر برگيڊ جي چيف ڊو زين زو چيو ته فيڪٽري جون ڏاڪڻيون ۽ گذرڻ وارا رستا جوتن ۽ ٻيو سامان ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ خام مال جي ڪري بند ٿي ويا، جنهن ڪري بچاءُ ڪندڙن لاءِ مٿين منزلن تائين پهچڻ مشڪل ٿي ويو.
هن وڌيڪ چيو ته فيڪٽري ۾ وڏي مقدار ۾ ڪيميڪل ۽ ٻيو ٻرندڙ مواد موجود هو، جنهن کي باهه لڳي وئي.
چيني صدر شي جن پنگ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حادثي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته امدادي ڪارروايون تيز ڪيون وڃن، زخمين کي فوري طبي امداد ڏني وڃي ۽ حادثي جي سببن جو جلد کان جلد پتو لڳائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
صدر شي زي اهو پڻ چيو ته هن سال چين جي صنعتي شعبي ۾ ڪيترائي وڏا حفاظتي حادثا پيش آيا آهن، تنهن ڪري سمورن لاڳاپيل ادارن کي انهن واقعن مان سبق وٺڻ گهرجي ۽ حفاظتي قدمن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.
اختيارين موجب باهه لڳڻ جا اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.


