سون مهانگو ٿي ويو؛ عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتن ۾ اضافو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

ايران آمريڪا جنگ سبب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي ۽ مقامي سطح تي 4 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ سون جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ خميس جي ڏينهن سون جو في تولو اگهه 36 ڊالرن جي واڌ سان 4 هزار 113 ڊالرن جو ٿي ويو، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سون جو في تولو اگهه 3 هزار 600 رپين کان وڌي 4 لک 33 هزار 836 رپين جي سطح تي پهچي ويو.

اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه 3 هزار 86 رپيا وڌي 3 لک 71 هزار 944 رپيا ٿي ويو.

سون جي اگهن ۾ واڌ جي برعڪس عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 59 ڊالر 42 سينٽس تي برقرار رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به چاندي جو في تولو اگهه 6 هزار 421 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 5 هزار 54 رپيا 50 پئسا تي برقرار رهيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment