پاڪستان حڪومت ڊيزل کانپوءِ هڪ ٻي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪمرشل پروازن لاءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي ڪري ايئر لائنز کي وڏو رليف ڏنو آهي.
ذريعن موجب في ليٽر قيمت ۾ 23 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ جيٽ فيول جي نئين قيمت 471 رپيا في ليٽر ٿي وئي.
رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران جهازن جي قيمتن ۾ مجموعي طور تي 46 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ان قدم سان ايئر لائنز جي آپريٽنگ لاڳت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپيا 12 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني هئي.
ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم شهباز شريف قوم کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ڊيزل جي قيمت ۾ 32 رپيا 12 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 385 رپيا 54 پئسا في ليٽر کان گهٽجي 353.42 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر جلد کان جلد عوام تائين پهچايا ويندا.
پيٽروليم ڊويزن ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي 18 اپريل 2026 کان لاڳو ٿيندي پر پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل هفتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 134 رپيا 81 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي هئي، ان گهٽتائي سان ڊيزل جي قيمت 385 رپيا 54 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي.
وزيراعظم گذريل هفتي به پيٽرول جي قيمت ۾ 11 رپيا 83 پئسا گهٽتائي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 366 رپيا 58 پئسا في ليٽر ٿي وئي هئي.


