ڪراچي؛ پوليس مقابلن ۾ 5 زخمين سميت 8 ڦورو گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪراچي:

پاڪ ڪالوني، گلبرگ، ايس آءِ يو ۽ شارع فيصل پوليس ڪارروائي ڪري 5 زخمين سميت 8 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.

تفصيل موجب پاڪ ڪالوني پوليس اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات پراڻي گوليمار ڪالا گيٽ وٽان مبينا مقابلي بعد 2 زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. زخمي جوابدارن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عبدالرحمان ولد افطار ۽ 32 ورهين جي عبدالله ولد شهباز جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻين ٻن گرفتار جوابدارن جا نالا فواد عرف فودي ۽ ذاڪر حسين ٻڌائين ٿا.

گرفتار جوابدار جا ٻيا ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار جوابدارن وٽان 2 پستول، گوليون، 185 گرام منشيات، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدار منشيات فروشن ۽ سپلائي ۾ ملوث آهن.

ٻئي طرف گلبرگ پوليس اڱاري ۽ اربع جي وچ ڌاري غوثيه مسجد بلاڪ 4 فيڊرل بي ايريا مان مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ زبير ولد محمد ايوب طور ٿي آهي، جنهن جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي پوليس پارٽي شريف آباد واري علائقي ۾ مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ سيف العجاز عرف بلا جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن شارع فيصل پوليس اربع جي صبح مبينا مقابلي بعد 2 جوابدارن کي زخمين سميت گرفتار ڪري ورتو. زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ وقار احمد ولد نثار احمد جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار پنهنجو نالو ڪمال ولد اياز ٻڌايو آهي. گرفتار جوابدار جا ٻيا ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جوابدارن وٽان 2 پستول، گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ سوزوڪي هٿ ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment