ڪراچي:
ڊفينس خيابان بدر تي پوليس اهلڪار پاڻ کي گوليون هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. مقتول ٺٽي جو پوليس آفيسر هو ۽ بنگلي تي سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر هو.
تفصيل موجب درخشان جي علائقي ڊفينس فيز 5 خيابان بدر ويجهو فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 40 ورهين جي دل مراد ولد صالح محمد طور ٿي.
مقتول سنڌ پوليس ٺٽي جو اهلڪار هو ۽ خيابان بدر ۾ عبدالحميد ميمڻ جي بنگلي تي سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر هو.
شروعاتي طور اهو معلوم ٿيو هو ته مقتول جو موت حادثاتي طور گوليون لڳڻ سبب ٿيو، پر جاچ کانپوءِ معلوم ٿيو ته مقتول پاڻ کي پيٽ ۾ گولي هڻي آپگهات ڪيو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


