ڪلفٽن ۾ جهيڙي دوران ايف بي آر انسپيڪٽر شاهه مير لاشاري کي فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار آغا شهير علي خان جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. ڪلفٽن پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري قتل جي ڪوشش ۽ دهشتگردي ٽوڙ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ پوليس ڊي آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي خط موڪلي ڇڏيو آهي ته مفرور جوابدار آغا شهير جو نالو قومي سڃاڻپ واري لسٽ (PNIL) ۾ شامل ڪيو وڃي. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو قدم جوابدار کي فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ کنيو ويو آهي، جڏهن ته جاچ پوليس جوابدارن جي استعمال ۾ آيل گاڏي به هٿ ڪري ورتي آهي، جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Source link

ڪراچي؛ ڪلفٽن ۾ ايف بي آر آفيسر کي فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

