ڪراچي:
ڪپڙي جي گودام ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو.
عيد الاضحي جي ٻئي ڏينهن شهر قائد جي علائقي ڪورنگي ۾ مهراڻ ٽائون ڀرسان ڪپڙن جي گودام ۾ اوچتو باهه لڳي وئي.
باهه لڳڻ سبب گودام ۾ پيل قيمتي ڪپڙا، ڌاڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.
گودام ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون 3 فائر برگيڊ گاڏيون موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي.
ريسڪيو عملدارن ڪافي ڪوششن بعد گودام ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب باهه دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. هن چيو ته گودام ۾ ڪپڙا، ڌاڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب ۽ نقصان جو فوري طور تي اندازو نه لڳائي سگهيو آهي.


