ڊبلن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان، آئرلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ وومينز ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي. ٽنهي ٽيمن جي ڪپتان ٽرافي سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون. اها ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ 28 مئي کان 4 جون تائين آئرلينڊ ۾ کيڏي ويندي، جنهن کي 2026 وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي. سموريون ميچون ڊبلن جي ڪيسل ايونيو گرائونڊ تي کيڏيون وينديون. پاڪستان وومين ٽيم جي قيادت فاطمه ثنا ڪندي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ڪپتان هيلي ميٿيوز ۽ آئرلينڊ جي اورلا پرينڊرگاسٽ به ٽرافي جي رونمائي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سيريز جي افتتاحي ميچ آئرلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 29 مئي تي ويسٽ انڊيز خلاف کيڏندو.
Source link

ٽي-قومي سيريز؛ پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ جي ڪپتان ٽرافي جي پڌرائي ڪئي
Leave a Comment Leave a Comment

