ڪراچي جا روڊ ڪڏهن ٺهندا؟ قومي وومين ڪپتان به شهر جي خراب صورتحال تي پريشان آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي: شهر قائد ۾ روڊن جي خستگي نه رڳو عام شهري پر قومي ڪارڪنن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ به ڪراچي جي روڊن رستن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ فاطمه ثناءَ سماجي اڳواڻ ظفر عباس کان پڇندي ڏسي سگهجي ٿي ته اوهان جو اهڙو آواز آهي، ٻڌايو ڪراچي جا روڊ ڪڏهن ٺهندا؟

جنهن تي ظفر عباس جواب ڏيندي چيو ته ان معاملي تي آواز اٿارڻ تي اڳ ۾ ئي بي عزتي ڪئي وئي آهي، هاڻي ڪراچي جي عوام کي ان سوال جو جواب ڏيڻو پوندو ته روڊ ڪڏهن ٺهندا.

ياد رهي ته شهر ۾ روڊن جي خراب حالت شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، روڊن جي کوٽ سبب ٽريفڪ جام معمول بڻيل آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment